شيخ محمد الياس ڏنگراج جو مقبرو

شيخ محمد الياس ڏنگراج جو مقبرو

شيخ محمد الياس ڏنگراج جو مقبرو

شيخ محمد الياس ڏنگراج جو مقبرو (ماڳ): هيءُ مقبرو ديهه ڪوٽ چانڊڪا، تعلقي ڏوڪري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڪچي جي علائقي ۾ واقع آهي. الياس محمد ڏنگراج جو مقبرو هڪ قبرستان جي مٿانهين ميدان تي ٺهيل آهي، جنهن جي چوڌاري قبرون ۽ ٻه سالم مقبرا آهن. روايت آهي ته هتي 9 -8 مقبرا هئا، هينئر صرف ٻه مقبرا باقي آهن، جيڪي ڪلهوڙن جي عمارتسازيءَ سان گھڻي مشابهت رکن ٿا. جيڪي هاڻي زبون حال ۾ آهن.
مقبري جو لنگھه اوڀر ۾ آهي، وچين ونگ (Recessed Arch) سان هڪ ننڍي ونگ، جنهن جي ماپ 1.32.40x ميٽر ٿيندي، ان جو دروازو نڪتل آهي. دروازي جي مٿان هڪ پانيل ۽ پاسن کان ٻه پانيل ڏنل آهن. وچين (Central) ونگ جي ٻانهين (Flanks) ٻن اڀن پانيلن ۽ هڪ سڌي پانيل سان سينگاريل آهي. مهاڙيءَ تي گھڻ راسيون ونگون نڪتل آهن، ٻيڙ ٻني (Parapet) تي ڪنڊن وٽ برج ٺهيل آهن. عمارت جي اڏاوت چورس آهي، جيڪا 8.10 ميٽر ڊگھي ۽ ويڪري آهي. مهاڙي ڪنگرن کي ڇڏي، فرش کان وٺي ڪانس جي چوٽيءَ ۽ مناري واري حصي تائين 7 ميٽر ٿئي ٿي. مقبري جو پويون حصو سادو آهي، ان ۾ مٿان کان هيٺ اڀيون ناليون پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ ٺهيل آهن. اتر ۽ ڏکڻ وارا حصا پانيلن سان آهن، جيڪي ميان نور محمد ڪلهوڙي جي مقبري جهڙا آهن، انهن تي 3 عمودي پانيل پنجن قطارن ۾ ٺهيل آهن. هيٺين قطار جو هر پانيل 87 195x س. م ماپ جو آهي. مقبري جون ڀتيون 1.10 ميٽر ٿلهيون آهن، پيڙهه جي ماپ 1.05 ميٽر آهي. هيٺ کان (Nadir) کان مٿي (zenith) تائين مقبرو 13 ميٽر ماپ جو آهي، جنهن ۾ حجري جي ڪوٺيءَ جون ڀتيون 6 ميٽر، گنبذ جو ڳچ 3 ميٽر ۽ گنبذ 4 ميٽر شامل آهي. مقبري جي اٺڪنڊي گنبذ جي ٻيڙ ٻني تي ڪنڊن وٽ برجيون ٺهيل آهن. گنبذ تي اونڌي ڪنول جي گل مٿان ڪلس ٺهيل آهي، اندر حجرو 5.52 ميٽر هر پاسي ماپ جو آهي. چئني ڪنڊن تي وڏا ۽ گهرا جارا ٺهيل آهن. اولهه تي محراب/جاري وانگر آهي اڏاوت 2.30 ميٽر اوچي ۽ 1.30 ميٽر ويڪري آهي. تر کان وٺي گنبذ تائين ٿلهي ليکي ماپ 10.70 ميٽر ٿئي ٿي. حجري ۾ اندر وچ تي ٿلهو ٺهيل آهي، ان تي قبرون آهن. وچ واري وڏي قبر الياس محمد ڏنگراج جي ٿي سگھي ٿي، باقي ٻن قبرن لاءِ چئي سگهجي ٿو ته انهن مان هڪ شيخ ابوبڪر جي ۽ ٻئي عيسى جي آهي. حجري ۾ ڪنڊن وٽ ڪنڊ جوڙون
(squinches) ٺهيل آهن، جيڪي چورس ڪمري کي اٺڪنڊي ۾ تبديل ڪن ٿيون ته جيئن ان تي ڳچ ٺاهي ان تي گنبذ اڏجي. اندران چٽڪاري پڻ ٿيل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو